اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ پ??ڪس??ان ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين سان پ??دا ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان پ??ڪس??ان ۾ ماحويلياتي ۽ موسمياتي تبديلين ۽ ترقيءَ جي باري ۾ جاري ڪيل هاڻوڪي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال جي گرمي جي شديد لهر ۽ تباهه ڪُن ٻوڏ سان ان حقيقت جي عڪاسي ٿي ريه آهي ته موسمياتي تبديلين سان ٿيل آفتن پ??ڪس??ان جي ترقياتي عزم ۽ غربت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي. رپورٽ مطابق هاڻوڪي ٻوڏ سان 1700 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون جڏهن ته 80 لک کان وڌيڪ م??ڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. ٻوڏ سان بنيادي ڍانچي، ملڪيتن، فصلن ۽ چوپائي مال کي تمام گهڻو نقصان پ??تو. پ??ڪس??ان ۽ انهن جي عالمي شراڪتد??رن جي هڪ م??تاط ڪاٿي مطابق ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پ??ڪس??ان ۾ پائيدار ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي لحاظ کان موزون بنيادي ڍانچي جي جوڙجڪ لاءِ خاطرخواه سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي، ان مد ۾ پ??ڪس??ان جي عالمي سهڪار جي ضرورت هوندي. ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر ٻُڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پيا ٿيندڙ انساني بحران موسمياتي تبديلين جي ڪارڻ پ??ڪس??اني عوام ۽ معيشت کي وڌيڪ نقصان کان روڪڻ لاءِ فوري ڪارروائيءَ جي سلسلي ۾ هڪ وارننگ آهي. عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ پ??ڪس??ان ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ خوراڪ ۽ـ زراعت جي نظام ۾ ايٽمي تبديليون، موسمياتي ۽ ماحولياتي لحاظ کان موزون بنيادي ڍانچي ۽ شهرن جي تعمير، پائيدار ۽ ماحول دوست توانائي، پائيدار ۽ منصفاڻي ترقي ۽ ماحويلاتي لچڪ لاءِ انساني سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، ماحولياتي تبديلين کي مُنهن لاءِ قدمن ۾ تيزي آڻڻ لاءِ پاليسين ۾ تبديلي، مراعتن ۽ ملڪن ۾ سڌيءَ ريت ۽ نجي عالمي سيڙپڪ??رن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.