اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري سڀاڻي اربع کان انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪند??. پ??ڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري بالي انڊونيشيا ۾ پنهنجي انڊونيشيائي هم منصب مسوڊي رينٽو سان ٻطرفي ملاقات ڪند??. پ??ڏيهي وزير بالي ۾ ٻن گهڻ رخي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۽ افغان عورتن جي تعل??م تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. بل??ول ڀٽو زرداري 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۾ جمهوري قدرن جي پاڪستان جي عزم ۽ جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جمهوريت جي اهميت کي اجاگر ڪندو. هو افغان عورتن جي تعل??م تي عالمي ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بشمول معاشري جي سمورن طبقن جي لاءِ تعل??م تائين برابر پهچ جي اهميت کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪند??. پ??ڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري جي دوري دوران سنگاپور جي صدر حليمه يعقوب ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالاڪرشنن سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير جي انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ان اعليٰ ترجيح جو عڪاس آهي جيڪو پاڪستان آسيان ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي ڏي ٿ??. پ??ڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري جو انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ٻنهي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.