اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ??نر?? ساحر شمشاد مرزا ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ??نر?? عاصم م??ير کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سان خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. وزيراعظم شهباز شريف به تقريب ۾ شريڪ ٿيو. ان موقعي تي سينيٽ جو چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي وزير، پارليامينٽ جا ميمبر، س??نيئر فوجي ۽ سول آفيسر ۽ سفارتڪار به موجود هئا. صدر عارف علوي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کي ملڪ جي لاءِ ان جي شاندار خدمتن تي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. ??نر?? شمشاد مرزا 1987ع ۾ انفنٽري بٽالين ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هن ڪم??نڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيشن ڪئي، هن گرين فيلڊ يونيورسٽي برطانيا مان ايم ايس سي (گلوبل سيڪيورٽي) ڪورس ۾ به شرڪت ڪئي. پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران ??نر?? ساحر شمشاد مرزا مختلف ڪمانڊ، اسٽاف ۽ انسٽرڪشنل اسائنمينٽس تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان جي اهم اسٽاف مقررين ۾ ٻه انفنٽري برگيئرز جي برگيڊ ميجر، پاڪستان ڪنٽينجينٽ، گڏيل قومن جي مشن، س??ر اليون ۾ ??نر?? اسٽاف آفيسر گريڊ ون (پلانز)، ڊائريڪٽر ملٽري آپريشنز ۽ ڊائريڪٽر ??نر?? ملٽري آپريشنز، وائيس چيف آف ??نر?? اسٽاف، ايڊجوائنٽنڊ ??نر?? ۽ ??نر?? هيڊڪوارٽر ۾ چيف آف ??نر?? اسٽاف شامل آهن. اهڙي طرح ??نر?? سيد عاصم م??ير احمد شاهه اپريل 1986ع ۾ 23 فرنٽيئر فورس ريجمنٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي هئي ۽ هن 17 هين او ٽي ايس ڪورس جي اعزازي تلوار حاصل ڪئي، هو فوجي اسڪول جاپان، ڪم??نڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا، ملائيشن آرمڊ فورس ڪم??نڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوالالمپور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيٽ آهي. هن پبلڪ پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي مئنيجمينٽ ۾ ايم فل جي ڊگري به هاصل ڪئي. پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران ??نر?? عاصم م??ير مختلف ڪمانڊ، اسٽاف ۽ انسٽرڪشنل اسائنمينٽس تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان جي نمايان اسٽاف مقررين ۾ انفينٽري برگيڊ جي برگيڊ ميجر، چيف آف ??نر?? اسٽاف سيڪريٽريٽ ۾ ??نر?? اسٽاف آفيسر گريڊ ٻه، ڊائريڪٽنگ اسٽاف ڪم??نڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ چيف آف اسٽاف آف اسٽرائيڪ ڪور شامل آهن. ??نر?? عاصم م??ير 23 فرنٽيئر فورس ريجمنٽ انفينٽري برگيڊ، فورس ڪم??نڊ ناردرن ايرياز ۽ 30 ڪور جي ڪم??نڊ ڪئي آهي. هو سعودي عرب ۾ پاڪستان جي تربيتي دستي جي قيادت به ڪري چڪو آهي. هن کي ڊائريڪٽر ??نر?? ملٽري انٽيليجنس ۽ ڊائريڪٽر ??نر?? انٽر سروسز انٽيليجنس جي حيثيت سان پاڪستان جي ٻنهي اهم انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهي جو منفرد اعزاز به حاصل آهي. چيف آف آرمي اسٽاف جي ترقي ۽ مقرري کان اڳ هو پاڪستان آرمي جي ڪوارٽر ماسٽر ??نر?? هو، ??نر?? عاصم م??ير کي ??نر?? جي عهدي تي ترقي ڏئي 29 نومبر 2022ع تي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو.