اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن موجب پرامن طريقن سان عالمي ت??رارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ??رجايو آهي. هن انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن جي پريپريٽري آفيس جي افتتاحي تقريب ۾ وڊيو پيغام ذريعي خطاب ڪيو. چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سمورين ڌرين کي آفيس کولڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ??رجايو. هن گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن موجب پرامن طريقن سان عالمي ت??رارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ??ڻ ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقي عالمي برادري جو گڏيل مقصد آهي، ان جي باوجود حل نه ٿيندڙ ڪشمير مسئلي جهڙا عالمي ت??رار ترقي جي عمل کي ??تاثر ڪ?? ٿا ۽ غربت جو سبب بڻجندا ره?? ٿا. هن چيو ته سڀ کان وڏي اسرندڙ ملڪ ۽ پائيدار ترقي جي حصيدار طور چين جو عوام جي ضرورتن کي بهتر طريقي سان پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي نظام کي ??ضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن ام??د ظاهر ڪئي ته انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن عالمي ت??رارن جي فو??ي ۽ گهٽ لاڳت حل جي راهه هموار ڪندي.