اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالتي سڌارن جي بل جي منظوري ??ان مسلم ليگ (ن) جي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر سرخرو ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي 8 هين ترميم جي خاتمي جي حوالي ??ان قومي اسيمبلي کي تاريخي خطاب جو حوالو ڏنو جنهن ۾ قائد نواز شريف چيو هو ته ”اڄ عملي طور تي ڪري ??يک??ريو آهي ت?? هر شيءَ جو پنهنجو وقت هوندو آهي ۽ پنهنجي وقت تي جيڪڏهن اها شيءَ خوش اسلوبي ??ان ٿي وڃي ته اهو ئي بهتر هوندو آهي، غيرضروري گوڙ ڪرڻ ۽ ڪرڻو ڪجهه ناهي، ماضي جون روايتون آهن، ا??ان کي اُها ڳالهه ڪرڻ گهرجي جنهن تي ا??ان عمل ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، اهو پاڪستان جو مفاد ۽ پارليامينٽ جي بالادستي آهي، اڄ پارلياماني جمهوريت جو روح زندهه ٿي ويو آهي، جنهن انداز ۾ هي سڄي ڪارروائي ٿي، اهو ان ڪم جي نوعيت کان وڌيڪ خوبصورت هو، ????ان جي آڏو سدائين هڪ ئي مقصد هوندو“.