اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري اردن جي شاهي خاندان جي دعوت تي ولي عهد حسين جي شادي ۾ شرڪت جي لاءِ اردن ۾ آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اردن جي دوري کانپوءِ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير ڊاڪٽر فواد حسين جي دعوت ت?? 5 کان 7 جون تائين عراق جو دورو ڪندو. اهو پرڏيهي و??ير جو عراق جو پهريون دورو هوندو، دوري دوران پرڏيهي و??ير عراقي قيادت سان مل??قا?? ڪندو. عراقي هم منصب سان مل??قا?? ۾ ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ ٻطرفي تعاون جون راهون ڳوليندا. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني زائرين جي سهولت جي لاءِ ڪربلا ۾ زائرين جي سينٽر جي قيام جو باضابطا اعلان ڪندو ۽ سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿ?? پڻ رکندو. پرڏيهي و??ير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.