اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄ?? دنيا جي صحافين کي خراج تحس??ن پيش ڪندي چيو آهي ته جنهن ماحول ۾ اهي ڪم ڪن ٿا اهو اڪثر چئلينجن ۽ خطرن سان ڀرپور هوندو آهي، صحافت جي ”واچ ڊاگ“ ڪردار جمهوريت ۽ شف??ف حڪمراني ۾ مدد ڪئي آهي. صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون سڄ?? دنيا جي صحافين کي ڀرپور خراج تحس??ن پيش ڪريان ٿو. خاص طور تي پاڪستان جي صحافين کي عوام کي آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ جي ساراهه جوڳي ڪم تي خراج تحس??ن پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته جنهن ماحول ۾ اهي ڪم ڪن ٿا اهو اڪثر چئلينجن ۽ خطرن سان ڀريل هوندو آهي پر ان جي باوجود اهي ماڻهو پنهنجي ذميوارين جون ادائيگيون جاري رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته صحافت جي واچ ڊاگ ڪردار جمهوريت ۽ شف??ف حڪمراني جي نظرين جي فروغ ۾ مدد ڪئي آهي.