عمان – 11 – جون (اي پي پي) ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري شهر عمان ۾ برطاني?? جي وچ اوڀر، اتر آفريقا، ڏکڻ ايشيا، گڏيل امارات ۽ دولت مشترڪه بابت مملڪتي وزير لارڊ طارق احمد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ڌرين پاڪستان ۽ برطاني?? جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمين??ن جو اظاهر ڪيو. هن گڏيل دلچسپي ??ي سمورن شعبن ۾ ا?? حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبي?? جي وڌندڙ رجح??ن جو ذڪر ڪندي بين المذاهب مڪالمي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اينهانسڊ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ (اي ايس پي) جي شڪل ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي باضابطا بڻائڻ، توسيع ڏيڻ ۽ اپ گريڊ ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ڌرين برطانيا ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ معاهدي تحت مائيگريشن ٽريڪ تي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو. هن افغانستا، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ استحڪام سميت گڏيل دلچسپي ??ي علائقائي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.