اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ا??لاعات ۽ نشري??ت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڌرڻي جا ڪارڪن ميدان ۾ جڏهن ته اڳواڻ بسترن ۾ آهن، اهو کليو تضاد آهي، عالم دين جو ڪم اص??اح هوندو آهي ڪنهن جي ذات تي گند اڇلائڻ ناهي هوندو، مولانا فضل الرحمان سياسي ميدان ۾ مذهبي ڪارڊ استعمال ڪري رهيو آهي، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت طرفان ڳالهين جا دروازا کلي?? آهن، حڪومت معاشي محاذ، آئيني ا??ارن، عدالتي سڌارن، سياسي سڌارن ۽ معاشي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي.