اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان کي گڏجي سي پيڪ سان جڙيل غلط بياني کي شڪست ڏيڻي آهي، سي پيڪ مان مڪمل لاڀ پرائڻ ??اءِ ميڊيا جو ڪردار اهم هوندو، چ??ني ۽ پاڪستا??ي ميڊيا گڏجي چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه ڪ??ڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، قومي مفاد لاءِ ميڊيا کي مجموعي طور تي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هڪ ڄاڻي واڻي من??ي خبر به قومي مفاد کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سرڪاري نيوز ايجنسي ”زينوا“ آل ميڊيا سروسز جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.