اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ??زي??اعظم جي پگهار ۾ اضافي جي حوالي سان هٿ ٺوڪيون خبرون هلايون ويون، ??زي??اعظم حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ سڀ کان اڳ پنهنجي ذات کان شروع ڪئي، ??زي??اعظم ٻاهرئين دورن جي لاءِ پرائيويٽ فلائيٽ بدران عام ڪمرشل فلائيٽ کي ترجيح ڏني، اڪرام سهگل ماضي ۾ به پاڪستاني ??زي??اعظمن جي لاءِ تقريبن جو اهتمام ڪيو، 2020ع جو سال ميڊيا جي صنعت جي لاءِ ترقي، خوشحالي ۽ نئين دور جي ش??وع??ت هوندو، حڪومت جرنلسٽ پروٽيڪشن بل آڻي رهي آهي، اسٽيٽ بئنڪ ايڪسپورٽ فنڊ اڍائي ارب مان وڌائي 5 ارب ڪري ڇڏيو، پنجاب حڪومت نواز شريف جي ??پو??ٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، 6 فيبروري تائين خواجه حارث کي نئين ??پو??ٽ جي هدايت ڪئي آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ڪابينا ميٽنگ کانپوءِ صحافين ۾ پلانٽيڊ بيانيو اٿاريو ويو.