اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپي??ر اسد قيصر چيو آهي ته پا??لياماني ڪميٽي ڪرونا وائرس جي وبا بابت مانيٽرنگ ۽ نگراني جو ڪم ڪندي، حڪومت پا??لياماني ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد ڪرڻ کي ورجايو آهي. ڪرونا وائرس جي وبا جي معاملي تي قائم ڪيل پا??لياماني ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ صحت کاتي پا??لياماني ڪميٽي کي مڪمل بريف ڪيو آهي، مخالف ڌر ۽ حڪومت سمور??ون تجويزون ڏئي ڇڏ??ون آهن جيڪي خوش آئنده آهن، خميس تي ايندڙ اجلاس ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال تي غو?? ٿيندو، لاڪ ڊائون جي وڌيڪ وڌڻ جي صورت ۾ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪنداسين، ملڪي معيشت تي پوندڙ اثرن جو پڻ جائزو ورتو ويندو.