لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وزيراعظم کي منصوبي تي بريفنگ ڏن??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب بريفنگ دوران وزيراعظم عمران خان منصوبي تي عملدرآمد دوران ماحولياتي تحفظ ۽ واٽر ڪنزرويشن جي لاءِ سختي سان عملدرآمد جي خاص تاڪيد ڪئ??. و??يراعظم چيو ته هي منصوبو پنجاب جي معيشت ۽ لاهور شهر جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ڪورونا سبب پي??ا ٿيندڙ مشڪل معاشي صورتحال ۾ هن منصوبي سان ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۾ مدد ملند??. و??يراعظم وڌيڪ چيو ته راوي ريور فرنٽ پراجيڪٽ سان لاهور جي رهواسين جي لاءِ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملند??. و??يراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ترقياتي منصوبن جي حوالي سان هر رڪاوٽ ترجيحي بنيادن تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن هدايت ڪئي ته پراجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ دوران ماحولياتي نظام تي منفي اثر نه پون ۽ واٽر ڪنزرويشن جو پڻ خاص خي??ل رکيو وڃي.