اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف تفصيلي فيصلي ۾ موت جي صورت ۾ کيس ٽن ڏينهن تائين عوامي جاءِ تي ??ٽڪائڻ جي پيرا کي ملڪي ۽ شرعي قانونن ۽ عالمي انساني قانونن جي خلاف قرار ??يندي خاص عد??لت جو فيصلو لکندڙ جج جسٽس سيٺ وقار جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف کي ڏنل سزا جي خلاف اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت طرفان اعليٰ عدليه کي درخواست ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل جج کي فوري طور تي ڪم کان روڪيو وڃي، ان اهم معاملي تي ??فاقي حڪومت کي شديد خدشا آهن، پيرا 66 تي ??ن ججن اختلاف ته ڪيو پوءِ اتفاق راءِ ڪٿي هو؟ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس ??ي خطاب ڪندي قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات با??ت خاص مددگار ??اڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ وزيراعظم جو احتساب با??ت خاص مددگار شهزاد اڪبر گڏيل پريس ڪانفرنس ??ي خطاب ڪري رهيا هئا.